اداره لطيفي حيدرآباد

اداره لطيفي حيدرآباد: هيءُ ادارو محمد عثمان ڏيپلائيءَ سن 1949ع ۾ لطيفي ڪلام جي اشاعت ۽ فڪر جي تبليغ واسطي قائم ڪيو. اداري طرفان 1950ع ۾ ”شاهه جو رسالو“ شايع ڪيو ويو، جنهن ۾ اُن وقت تائين شاهه سائينءَ ڏانهن منسوب سموري ڪلام کي يڪجاءِ ڪري محفوظ ڪيو ويو. اڳتي هلي ”شاهه جي رسالي جو نمبر“ ۽ ”شاهه جا گم ٿيل بيت“ پڻ شايع ڪيا ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو